سيد موٽيل شاهه سبزواري

سيد موٽيل شاهه سبزواري: سيد موٽيل شاهه سيوهڻ جي سبزواري سيدن مان هڪ درويش صفت، خدا ترس، سخي مرد ۽ روزي نماز جو پابند انسان هو. هميشه نيڪيءَ جي ڪمن جي تلقين ڪندو هو، مهمان نواز به هو. سندس آستاني تي سدائين پيرن، فقيرن، مريدن ۽ مهمانن جون محفلون متيون پيو ن هونديون هيون. ادب سان به گھڻو چاهه هوندو هيس، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ به اڪثر وٽس ايندو هو ۽ خط و ڪتابت پڻ ڪندو هو.
سيد موٽيل شاهه لعل شهباز قلندر جو پانڌيئڙو هو، روزانو درگاهه جي حاضري ڀريندو هو. هر مهيني جي 21 تاريخ رات جو عام خيرات ڪندو هو، جنهن کي عام طرح ايڪهين چوندا هئا. ڏينهن جو به خيرات ۾ کاڌو کارائيندو هو، اها روايت اڄ ڏينهن تائين جاري آهي. سندس فقيري طبيعت مان ڪيترن فيض حاصل ڪيو.
سيد موٽيل شاهه کي چار فرزند هئا، جن مان سيد عزت علي شاهه ۽ سيد غلام حيدر شاهه وفات ڪري ويا آهن. سيد احمد علي شاهه حال حيات آهي، جيڪو سندس مسند جو وارث آهي. سيد ڊاڪٽر منور علي شاهه صحت کاتي ۾ آفيسر آهي.
سـيـد مـوٽيـل شـاهه جي وفـات جي تـاريـخ معلوم نه ٿي سگھي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو